Revelation 18:21 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ هڪڙي ٻلوان دوت جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هڪڙي طاقتور ملائڪ جنڊ جيڏو هڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شهر بابل بہ اهڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري ان جو ڪو پتو ئي ڪونہ پوندو.