Revelation 18:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي بادشاهن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ دنيا جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“