Revelation 18:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون آسمان مان هڪڙو ٻيو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ اي منهنجي اُمت، اوهين انهي مان نڪري اچو، انهي لاءِ تہ سندس گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو، تہ متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي پوي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”اي منھنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انھيءَ جي گناھن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان ھن جي آفتن مان ڪا اوھان تي اچي نہ پوي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي پاپن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،