Revelation 18:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن هن ڪيو، تيئن اوهين بہ ساڻس ڪيو. ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو هن ڀريو، تنهن ۾ سندس لاءِ ٻيڻو ڀريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)