Revelation 18:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘