Revelation 18:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري مٿس ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ آفتون اينديون، يعني موت، ماتم ۽ ڏڪار. اھا باھہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇالاءِجو خداوند خدا، جيڪو ھن جو انصاف ڪندو سو قادر آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، پرڀو پرميشور نهايت شڪتيوان آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“