Revelation 19:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.