Revelation 19:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ سروِشڪتيوان ايشور جي خوفناڪ ڏمر واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.