Revelation 19:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي چمتڪار ڏيکاري ڀَٽڪائي ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوجا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيوت ئي اڇلايا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.