Revelation 19:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ!
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ انھن چوويھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪيو، جيڪو تخت تي ويٺو ھو ۽ چوڻ لڳا تہ ”آمين، خداوند خدا جي تعريف.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي اهي چوويهہ مهاتما ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل ايشور آڏو سيس نوائيندي چوڻ لڳا تہ ”آمين، شل پرڀو پرميشور جي مهما هجي!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي اهي چوويهہ بزرگ ۽ چارئي ساهوارا منهن ڀر ڪري تخت تي ويٺل خدا کي سجدو ڪندي چوڻ لڳا تہ ” آمين ، شل خداوند خدا جي واکاڻ هجي!“