Revelation 19:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تخت مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي خدا جا بندا، ننڍا توڙي وڏا، جي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ سندس تعريف ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ تخت مان ھڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانھؤ! ننڍا توڙي وڏا، جيڪي کانئس ڊڄو ٿا، سي سڀ خدا جي تعريف ڪريو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي ايشور جا داسؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي ايشور جي مهما ڪريو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانهؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو.“