Revelation 19:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون هڪڙيءَ وڏيءَ جماعت جهڙو آواز ٻُڌو، جو زور سان وهندڙ پاڻيءَ جهڙو آواز هو، ۽ وڏين گجگوڙين جهڙو آواز هو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ؛ ڇالاءِ جو اسان جو خدا قادر مطلق، بادشاهي ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف، ڇالاءِجو خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آھي، سو بادشاھي ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! ڇاڪاڻ تہ پرڀو اسان جو ايشور جيڪو سروِشڪتيوان آهي، تنهن جو راڄ ڌرتيءَ تي قائم ٿي ويو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ” خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.