Revelation 19:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“