Revelation 2:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.