Revelation 2:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“