Revelation 2:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر مون کي اوھان جي باري ۾ ھي چوڻو آھي تہ اھا عورت اِيزبل، جيڪا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنھن کي اوھين برداشت ڪريو ٿا، جيتوڻيڪ اھا منھنجي ٻانھن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراھہ ٿي ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ ناري ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنتياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي داسن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ جي سکيا ڏيئي ڀَٽڪائي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.