Revelation 2:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اوهين ٿواتيرہ جي منڊليءَ جا باقي ماڻهو ايزبل جي سکيا تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،