Revelation 2:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيئن مون کي بہ پنهنجي پيءُ کان اختيار مليو آهي. ۽ هو لوهہ جي لٺ سان انهن تي حڪم هلائيندو، ۽ هنن کي ڪنڀر جي ٿانءَ وانگر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن مون کي پنھنجي پيءُ کان اختيار مليل آھن. ھو لوھہ جي لٺ سان انھن تي حڪم ھلائيندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَ وانگر ڀڃي ڀورا ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن مون کي پنهنجي پتا کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي راجائي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.