Revelation 20:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي سنسار ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي دنيا ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو.