Revelation 20:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُنهيءَ اوڙاهہ ۾ اُڇلائي اتي بند ڪري ڇڏيائينس، ۽ مٿس مهر هڻي ڇڏيائين، تہ هزار ورهين جي پوري ٿيڻ تائين وري قومن کي گمراهہ نہ ڪري؛ انهي کانپوءِ ٿوري وقت تائين کيس ڇوڙيو ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري نہ ڀَٽڪائي. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراهہ نہ ڪري. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.