Revelation 20:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سڀاڳا ۽ پوِتر آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيوت ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي ايشور ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀاڳا ۽ پاڪ آهن اهي جيڪي انهيءَ پهرئين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿا ٿين. اهڙن ماڻهن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو هلي. اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن هوندا ۽ ساڻس گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا.