Revelation 21:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي.