Revelation 21:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.