Revelation 21:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ اُهي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا هئا ۽ اُنهن پوين ستن آفتن سان ڀريل هئا، تن مان هڪڙي نڪري اچي مون سان ڳالهايو؛ ۽ چيائين تہ هيڏانهن اچ تہ آئون توکي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گهيٽي جي زال.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“