Revelation 22:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون وشواس جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ پرڀو پرميشور، جيڪو پنهنجي سنديش ڏيندڙن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري ٿو، تنهن پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ خداوند خدا، جيڪو پنهنجي پيغام ڏيندڙن تي پنهنجو روح نازل ڪري ٿو، تنهن پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن.