Revelation 3:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ آئون دولتمند آهيان، ۽ گهڻي دولت گڏ ڪئي اٿم، ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج ڪانہ اٿم؛ پر توکي اها خبر ڪانهي تہ تون ڪمبخت، ڏکيو، ۽ ڪنگال، انڌو ۽ اُگهاڙو آهين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين چئو ٿا تہ اسين دولتمند آھيون ۽ گھڻي دولت گڏ ڪئي اٿئون ۽ ڪنھن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ اٿئون. پر اوھان کي اھا خبر ڪانھي تہ اوھين بد⁠بخت، ڏکيا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.