Revelation 3:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو غالب پوندو، تنھن کي اھڙيءَ طرح پاڪ صاف ڪپڙا پھرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اھو شخص منھنجو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو جيون شاستر مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پتا ۽ سندس دوتن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.