Revelation 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي (ڏس، مون تنهنجي اڳيان هڪڙو در کولي ڇڏيو آهي جو ڪوبہ بند نہ ڪري سگهندو.) تو ۾ ٿوري طاقت آهي، ۽ تو منهنجي ڪلام تي عمل ڪيو، ۽ منهنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۾ ٿوري طاقت آھي. اوھان منھنجي ڪلام تي عمل ڪيو ۽ منھنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوھان جي اڳيان ھڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آھي، جنھن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي پيغام تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.