Revelation 4:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن اهي چوويهہ مهاتما منهن ڀر ڪري انهيءَ جي آڏو سيس ٿا نوائين، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهي ٿو. اهي سيس نوائيندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ