Revelation 5:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِجو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.