Revelation 6:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون ڏٺو تہ ھڪڙو اڇو گھوڙو نظر آيو ۽ ان جي سوار وٽ تيرڪمان ھئا. کيس ھڪڙو تاج ڏنو ويو ۽ ھو فاتح جي انداز ۾ نڪتو تہ جيئن وڌيڪ فتح ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو سوڀاري جي حيثيت ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو فاتح جي حيثيت ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.