Revelation 6:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو ڳاڙھو ھو. ان جي سوار کي ھي اختيار ڏنو ويو تہ ھو زمين تي صلح کي رھڻ نہ ڏئي، تہ جيئن ماڻھو ھڪٻئي کي ماري ڇڏين. انھيءَ مقصد لاءِ ھن کي ھڪ وڏي تلوار ڏني ويئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ شانتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ سلامتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.