Revelation 6:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)