Revelation 6:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون ٻليدان واري جاءِ جي هيٺان انهن جون آتمائون ڏٺيون، جيڪي يسوع بابت ايشور جي سنديش ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون قربان‌گاهہ جي هيٺان انهن جا روح ڏٺا، جيڪي عيسيٰ بابت خدا جي پيغام ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.