Revelation 7:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.