Revelation 8:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربانگاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ملائڪ اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.