Revelation 9:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي زرھن جو رنگ ڄڻ تہ باھہ وانگر ڳاڙھو، نيرو ۽ گندرف جھڙو پيلو ھو. انھن گھوڙن جا منھن شينھن جي منھن جھڙا ھئا ۽ سندن وات مان باھہ، دونھون ۽ گندرف پئي نڪتو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون درشن ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.