Revelation 9:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ماڻھو باقي بچيا جن کي انھن آفتن نہ ماريو، تن نہ توبھہ ڪئي ۽ نڪي ھنن پنھنجن بڻايل بتن کي ڇڏيو. اُھي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺھيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيتوڻيڪ اھڙيون شيون نہ ڏسي سگھن ٿيون، نہ ٻڌي سگھن ٿيون ۽ نڪي گھمي ڦري سگھن ٿيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي برين آتمائن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوجا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.