Romans 1:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.