Romans 1:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي قدرت آهي، جيڪو مسيح تي ايمان آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.