Romans 1:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.