Romans 1:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ خدا جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.