Romans 10:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھي کيس ڪيئن پڪاريندا جنھن تي انھن ايمان ئي نہ آندو آھي؟ اھي مٿس ڪيئن ايمان آڻيندا جنھن جي باري ۾ ھنن ٻڌو ئي نہ آھي؟ اھي ڪيئن ٻڌي سگھندا جيڪڏھن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آھي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جنهن تي هنن وشواس ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن وشواس آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو سنديش ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جنهن تي هنن ايمان ئي نہ آندو آهي، تنهن کي هو ڪيئن ٻاڏائيندا؟ جنهن جي باري ۾ هنن ٻڌو ئي نہ آهي، تنهن تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آهي، تہ پوءِ هو ڪيئن ٻڌي سگھندا؟