Romans 10:18 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر آئون چوان ٿو تہ هنن نہ ٻُڌو ڇا؟ هائو، بيشڪ، جيئن لکيل آهي، تہ ”هنن جو آواز ساري زمين تي ڦهلجي ويو، ۽ سندن ڪلام دنيا جي حدن تائين وڃي پهتو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا انھن پيغام نہ ٻڌو؟ انھن ضرور ٻڌو، جيئن لکيل آھي تہ ”انھن جو آواز سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو، انھن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پھتو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن سنديش نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو سنديش ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“