Romans 10:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر آئون چوان ٿو تہ اسرائيل کي خبر نہ هئي ڇا؟ پهرين تہ موسيٰ چوي ٿو، تہ ”آئون اوهان کي هنن تي غيرت ڏياريندس جي ڪابہ قوم نہ آهن، آئون اوهان کي بي سمجهہ قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻھن کي خبر نہ ھئي؟ موسيٰ جي وسيلي خدا اڳي ئي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي انھن ماڻھن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آھن. آءٌ اوھان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي⁠سمجھہ آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو سنديش سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت ايشور اڳي ئي فرمايو آهي تہ ”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن. آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي‌سمجھہ آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻهن کي اهو پيغام سمجھہ ۾ نہ آيو؟ ضرور آيو، پر مڃيائون ڪين. انهيءَ ڪري موسيٰ جي معرفت خدا اڳي ئي فرمايو آهي تہ ”آءٌ اوهان کي انهن ماڻهن جي وسيلي غيرت ڏياريندس، جيڪي ڪا قوم ئي نہ آهن. آءٌ اوهان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس، جيڪا بي‌سمجھہ آهي.“