Romans 10:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جا راستبازي ايمان جي ڪري آهي، سا هيئن ٿي چوي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙهندو؟“ (اِهو ٿيو مسيح کي هيٺ لاهڻ.)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ جيڪو وشواس آڻڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آڪاش تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ جيڪو ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آسمان تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي.