Romans 11:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جي هنن جو ٿاٻڙجڻ جهان جي لاءِ دولت جو سبب ٿيو، ۽ هنن جي گهٽتائي غير قومن جي لاءِ دولت ٿي، تہ سندن ڀرپورائي ڪيڏي نہ وڏي دولت جو سبب ٿيندي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي.