Romans 11:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جي نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ آهي، تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ آهي: ۽ جي پاڙ پاڪ آهي تہ ٽاريون بہ پاڪ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.