Romans 11:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ انهن ٽارين تي فخر نہ ڪر، پر جي فخر ڪندين تہ هيئن ڄاڻ تہ تون پاڙ کي نٿو کڻين، پر پاڙ توکي ٿي کڻي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.