Romans 11:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
خدا پنهنجي اُنهيءَ اُمت کي رد ڪونہ ڪيو جنهن جي اڳيئي خبر هيس. يا اوهين نٿا ڄاڻو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب ايلياہ جي باري ۾ ڇا ٿو فرمائي؟ ڪيئن هو اسرائيل جي برخلاف خدا جي اڳيان دانهن ٿو ڪري؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ